اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف بجلي چوري روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اووربلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيمه، سردار اويس احمد خان لغاري، مملڪتي وزير شزا فاطمه، علي پرويز ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ليسڪو، پيسڪو ۽ فيسڪو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪندي چيو ته سمارٽ ميٽر لڳائڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بلنگ جي نظام ۾ شفافيت آڻي سگهجي، بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کنيا وڃن.وزيراعظم شهباز شريف بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي مقرري ۾ سستي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انتهائي شفاف عمل ذريعي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا چيف ايگزيڪٽو آفيسر مقرر ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ ماڻهن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي وڃي، ڀرتين جي عمل ۾ شفافيت تي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، نيپرا جي ڏنل ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.