اسلام آباد: ملڪ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون اچي ويا. اين اي او سي موجب پاڪستان ۾ وڌيڪ 2 پوليو ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو جي مجموعي ڪيسن جو انگ 67 ٿي ويو آهي. اين اي او سي موجب ليب ٽانڪ ۽ ڪشمور مان هڪ هڪ پوليو ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي. هلندڙ سال ٽانڪ مان پوليو جو چوٿون ۽ ڪشمور مان ٻيو ڪيس آهي