دبئي ۾ نئون سال ملهائڻ جو نئون طريقو، گاڏيون تحفي ۾ ڏيڻ جو اعلان

دبئي: دبئي ۾ نئون سال ملهائڻ جي لاءِ نئون طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. دبئي جي اختيارين هن ڀيري نئين سال جي موقعي تي پورهيتن ۾ خصوصي مراعتون ۽ انعام ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.دبئي جي اختيارين موجب اسان جي ملڪ کي مزدورن ۽ پورهيتن تعمير ڪيو آهي اسان هن ڀيري نئين سال جون خوشيون پنهنجي پورهيتن سان سان گڏ ملهائينداسين، پورهيت اسان جا پارٽنرز آهن، هن ڀيري نئين سال جي موقعي تي سون جا زيور پورهيتن جي خاندانن کي بطور تحفي طور ڏنا ويندا. انهي کان علاوه پورهيتن کي 2 نيون گاڏيون به تحفي طور ڏنيون وينديون.دبئي جي اختيارين موجب پورهيتن کي 30 فري ٽڪيٽس به ڏنا ويندا. جڏهن ته 5 لک درهم جا مختلف انعام به ورهايا ويندا. انهي کان علاوه نئين سال جي موقعي تي پورهيتن جي لاءِ هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ 2 ڏينهن تائين بالڪل فري دستياب هوندو.دبئي اختيارين موجب پورهيتن جي لاءِ محسنه جبل عل ۽ القوز ۾ نئين سال جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، پورهيت انهن تقريبن ۾ شريڪ ٿي انعام حاصل ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔