ڪراچي: فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) ڪراچي جي 4 شادي هالز طرفان ٽيڪس جمع نه ڪرائڻ تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب ايف بي آر طرفان شادي هالز مالڪن کي صارفين کان ٽيڪس وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي هئي، ڪراچي جي 4 شادي هالز مالڪن اڃان تائين ٽيڪس جمع ناهي ڪرايو.
ايف بي آر ڪراچي جي اهڙن 4 شادي هالز جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ تقريبن جي لاءِ هالز جي بڪنگ ڪرائيندڙ صارفين کان ٽيڪس وصول ڪري اڃان تائين قومي ناڻي ۾ جمع ناهي ڪرايو ويو.
ڪراچي جي 4 شادي هالز جي مالڪن ايف بي آر جي حڪمن تي اڃان تائين عمل ناهي ڪيو، انهي جي ڪري شادي هالز جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ريجنل ٽيڪس آفيس(آر ٽي او) اهي قدم ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ ۽ ٽيڪس قانون تي عمل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪيا آهن. ياد رهي ته پاڪستان جي حڪومت طرفان عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کان قرض پروگرام وٺڻ کان پوءِ ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ٽيڪس اصلاحات جو عمل جاري آهي. ايف بي آر اهڙن سيڪٽرز کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوشان آهي، جيڪي ڊگهي وقت کان ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن.