واٽس ايپ جا ڳجها فيچر، ڪنهن کي خبر ئي ناهي

نيويارڪ : واٽس ايپ جو مقبول ترين ميسيجنگ پليٽ فارم آهي جنهن ۾ 2024 دوران ڪيئي نون فيچرز جو واڌارو ڪيو ويو آهي.حقيقت ۾واٽس ايپ ۾ ايترا نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن جو ڪيترن ئي کي واهپيدارن کي ڄاڻ ناهي يا انهن ان تي ڌيان نه ڏنو آهي. اِهو ئي سب آهي جو واٽس ايپ پاران پاڻ تسليم ڪيو ويو آهي ته ڪيترائي نوان فيچرز اهڙا آهن جن بابت واهپيدارن کي پتو ئي ناهي پئجي سگهيو. واٽس ايپ پاران 2024 ۾ ڪيل ڪجهه وڏين تبديلين جو ذڪر هڪ خصوصي ميمو ۾ ڪيو آهي. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي ترتيب ڏنل فهرست ۾ سڀ کان مٿي جنهن فيچر جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو واٽس ايپ ويب تي ڪانٽيڪٽس کي ايڊ ڪرڻ آهي. يعني واهپيدار هاڻي واٽس ايپ ويب تي پڻ ڪانٽيڪٽس کي مينيج ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ توهان کي هي سهولت مرڪزي اڪائونٽ سان لنڪ ٻين ڊوائيسز ۾ پڻ موجود آهي. هن اپ گريڊ جي مدد سان هاڻي توهان ڪانٽيڪٽس کي رڳو واٽس ايپ تي محفوظ ڪري سگهو ٿا، يعني انهن کي فون تي ايڊ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. واٽس ايپ چيٽس کي آرگنائيز ڪرڻ لاءِ ميٽنگ پليٽفارم ۾ ڪسٽم لسٽس ۽ فيورٽس جو پڻ واڌارو ڪيو ويو آهي. هڪ ٻي وڏي تبديلي ايونٽس فيچر جو اضافو آهي. يعني جيڪڏهن توهان دوستن يا گهر وارن کي ڪنهن هنڌ گڏ ڪرڻ چاهيو ٿا ته واٽس ايپ جي اندر ايونٽس فيچر ذريعي ائين ڪري سگهو ٿا. واٽس ايپ موجب، ايونٽس فيچر سان واهپيدارن کي نون ايونٽس ترتيب ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي جڏهن ته انهن کي پاڻمرادو ريمائنڊرز پڻ موصول ٿيندا آهن. 2024 ۾ وڊيو ڪالنگ کي پڻ واٽس ايپ پاران اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي توهان 32 ماڻهن سان ويڊيو چيٽ ڪري سگهو ٿا جڏهن ته ڪيترائي فلٽرز ۽ بيڪ گراونڊز پڻ موجود آهن. آڊيو ڪالنگ جي معيار کي پڻ واٽس ايپ پاران بهتر ڪيو ويو آهي ۽ تيز انٽرنيٽ ڪنيڪشن تي ائين پاڻ مرادو ٿيندو آهي. تيز انٽرنيٽ ڪنيڪشن تي ويڊيو ڪالز لاءِ معياري ريزولوشن جو فيچر پڻ هن سال واٽس ايپ جو حصو بڻيو. پيغام رسائيندڙ ايپ چينل ڪيٽيگريز متعارف ڪرايون جڏهن ته تصويرن کي اسٽيڪرز ۾ تبديل ڪرڻ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي. اهڙي ريت چينلز تي وائس اپ ڊيٽس ۽ 16 ايڊمنسٽريٽر جي سپورٽ جو اضافو به ڪيو ويو آهي. توهان ڪنهن چينلز پوسٽس کي ڪنهن چيٽ يا اسٽيٽس تي فارورڊ پڻ ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان کي مٿين فيچرز جي ڄاڻ ناهي ته هاڻي توهان انهن کي واٽس ايپ تي استعمال ڪري سگهو ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔