اسرائيلي حملن ۾ 90 فسلطيني شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي

غزا : غزا ۾ 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 90 فسلطيني شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمال عدوان اسپتال تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 5 فسلطيني شهيد ٿي ويا.ڪمال عدوان اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اسرائيلي هوائي حملي ۾ طبي عملي جا شهيد ٿيا، شهيد ٿيندڙن ۾ هڪ ڊاڪٽر به شامل آهي.هوڏانهن اولهندي غزا ۾ هڪ گهر تي بمباري سبب 6 ڄڻن شهادت ماڻي، اولهندي ڪناري جي علائقي تلڪرم ۾ عورتن سميت 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا.غزا ۾ هيل تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جو گڏيل انگ وڌي 45 هزار 400 ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 7 هزار 90 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔