اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن بينظير ڀٽو جي انصاف تي ٻڌل پاڪستان جو وزن حقيقت بڻجندو: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي انصاف تي ٻڌل پاڪستان جو وزن حقيقت بڻجندو.

شهيد بينظير ڀٽو جي 17هين يوم شهادت جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿي، انهي جي زندگي جرئت، استقامت ۽ پاڪستانين جي لاءِ اميد جي علامت هئي. بينظير ڀٽو صرف سياسي شخصيت نه پر مظلوم محڪوم ۽ پٺتي پيل طبقن جي لاءِ اميد جي روشني هئي.

هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جيان شهيد بينظير ڀٽو به عوام جي طاقت تي يقين رکي ٿي، انهي جي مصالحت، مشاورت ۽ مختلف نقطه نظر کي سمجهڻ جي فلسفيانه سوچ هڪ جديد ۽ روشن پاڪستان جي بنياد رکي، شهيد بينظير ڀٽو جي ميراث کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جي انساني آزادي ۽ جمهوري قدمن جي فلسفي تي عمل پيرا آهيون، اسان دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ملڪي استحڪام کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به طاقت جي خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم جي عالمي مسئلن تي مهارت مشعل راهه آهي. فلسطين ۽ ڪشمير سميت توجهه طلب عالمي معاملن تي بي بي شهيد جي وزن مان رهنمائي وٺندا رهنداسين.

پ پ چيئرمين چيو ته جمهوريت ۽ آئيني حڪمراني کي پيش ايندڙ چيلنجز تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قوم گڏ ٿي وڃي،  بي بي شهيد جي زندگي استقامت ۽ پنهنجي ذات وساري عظيم مقصد جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿي. شهيد بي بي جو خواب هڪ جمهوري، ترقي پسند ۽ جامع پاڪستان آهي.

هن چيو ته ڪارڪنن ۽ قوم کي شهيد بي بي جي جمهوريت، رواداري، سماجي انصاف جي اصولن مان وابستگي جي تجديد جي اپيل آهي، بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ قرباني منصفاڻي ۽ مساوي معاشري جي لاءِ انهن جي جدوجهد جو لازوال ثبوت آهي، اسان جي ذميواري آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي انهي خواب کي حقيقت بنايو، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن شهيد بي بي جي انصاف تي ٻڌل پاڪستان جو وزن حقيقت بڻجندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔