اسلام آباد : اسلام آباد جي جناح اوينيو ايف 8 ايڪسچينج چوڪ انٽر چينج انڊر پاس جو ڪم رڳو 42 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو. ذريعن موجب ايف 8 ايڪسچينج چوڪ انٽر چينج انڊر پاس تي رات ڏينهن ڪم جاري رهيو ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي نگراني ۾ سي ڊي اي پراجيڪٽ کي وقت کان اڳ مڪمل ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري گهٽ عرصي ۾ انڊر پاس جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.