راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 9 مئي جا منصوبا ٺاهيندڙن کي سزائون ملڻ تائين انصاف جو عمل مڪمل نه ٿيندو. 26 نومبر 2024 جي سازش 9 مئي 2023 جو تسلسل آهي. نومبر جي سازش پٺيان سياسي دهشتگردن جي سوچ آهي.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان دهشتگرد جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي آهي، هلندڙ سال 59 هزار 775 ڪامياب آپريشن ڪيا ويا، سيڪيورٽي فورسز جي 2024 ۾ مختلف آپريشنن جي دوران 925 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو، آپريشن ۾ 27 افغان دهشتگرد به مارجي ويا.
هن چيو ته روزاني جي بنياد تي 169 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا پيا وڃن، دهشتگردي جي ڪيترن ئي منصوبن کي ناڪام بنايو ويو، آپريشنز جي دوران دهشتگردن کان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. بلوچ دهشتگردن جي انتهائي گهربل اڳواڻن کي به آپريشن دوران ماريو ويو. دهشتگرد معصوم ماڻهن جو ذهن ٺاهيندي کين استعمال ڪندا آهن.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 14 گهربل دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو، سال 2024 ۾ 383 بهادر آفيسرز ۽ جوانن شهادت ماڻي، پوري قوم هٿياربند فوج جي بهادر جوانن ۽ وارثن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، دهشتگردي جي اها جنگ آخري دهشتگرد ۽ خوارج جي خاتمي تائين جاري رهندي.
هن چيو ته هڪ ڊگهي وقت کان اسان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪندا آيا آهيون، افغانستان ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فتنه خوارج افغان زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، دهشتگردي جا ٺڪاڻا افغانستان ۾ موجود دهشتگردن تائين وڃن ٿا. آرمي چيف افغانستان جي دهشتگردن خلاف ٻن لفظن ۾ موقف رکي ٿو، افغانستان مان فتنه الخوارج جا دهشتگرد پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن. افغانستان خارجين ۽ دهشتگردن کي پاڪستان تي اوليت نه ڏئي.