اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي اي سي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ کان نالا طلب ڪري ورتا.ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو.سيڪريٽريٽ چيو ته پي اي سي چيئرمين جي چونڊ لاءِ نالا ڏنا وڃن، جيڪڏهن نالا نه ڏنا ويا ته چونڊ ڪرائينداسين.قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين فوري طور پي اي سي لاءِ نالا ڏئي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو.پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو ته اسان چونڊون چاهيون ٿا، مشاورت کانپوءِ جلد نالا ڏينداسين.