آمريڪي پابندين جو جواز ناهي، ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا طرفان اسان تي لاڳو پابندين جو ڪو به جواز ناهي ۽ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خوارج جي حملي ۾ 17 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، اسان جي فورسز ڪيترن ئي خوارج کي ماريو،آرمي چيف پاڻ ويو ۽ اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪئي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، جيستائين دهشتگردي جو سر قلم نه ڪيو ويندو تيستائين سڪون سان نه ويهندا،هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن،خيبرپختونخواهه ۾ فرقيواريت جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. ٻئي گروپ هٿياربند آهن، ڪرم ۾ جڏهن هي قتل و غارت ۽ ڦرلٽ ٿي رهي هئي، تڏهن اسلام آباد تي حملا ٿي رهيا هئا.شهباز شريف چيو ته هو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهن، حڪومت صوبن سان گڏجي دهشتگردي خلاف قدم کڻي رهي آهي.وزيراعظم شهباز شريف بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت آمريڪا طرفان لاڳو پابندين تي چيو ته اسان تي پابندين جو ڪو به جواز ناهي.پاڪستان جو ايٽمي پروگرام رڳو ملڪ جي دفاع لاءِ آهي ۽ 24 ڪروڙ عوام جو پروگرام آهي،پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو،شهباز شريف چيو ته ڪالهه پي ٽي آءِ سان رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو،قومي مفاد کي سامهون رکي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته اتحاد کي هٿي ملندي،ڪنهن جي نيت تي شڪ ناهي، اميد آهي ته ٻئي ڪميٽيون ڪو اهڙو حل ڪڍنديون جنهن سان ملڪ کي فائدو ٿيندو،وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مهانگائي 2018ع کان پوءِ سڀ کان گهٽ سطح تي آهي، برآمدات وڌي رهيون آهن، ڊاڪٽر يونس سان قاهره ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، بنگلاديش سان ڳنڍيو پيو وڃي ۽ اسان جو چانور بنگلاديش کي برآمد ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔