جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ هڪ جوابدار تي جرم لاڳو، فوٽيج فراهمي درخواست رد

راولپنڊي : راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد هڪ ٻئي جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه اڳوڻي ايم اين اي بلال احمد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدارن کي 3 وڳي تائين پيش ٿيڻ جو وقت ڏنو ويو.ٻئي طرف پي ٽي آءِ باني عمران خان، فواد چوڌري ۽ عمر ايوب جي سي سي ٽي وي فوٽيج فراهم ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت ٽنهي درخواستن تي اڄ فيصلو ٻڌائيندي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اڳوڻي ايم پي اي لطاسب ستي طرفان عمري تي وڃڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي پر عدالت معلومات مڪمل نه ٿيڻ تي لطاسب ستي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔