پرل: پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ اڄ پرل ۾ کيڏيو ويندو. ڏکڻ آفريقا جي اهم رانديگرن جي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي چڪي آهي. پاڪستاني ٽيم کي ميچ کٽڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفرقا جي قيادت مارڪرم ڪندو جڏهن ته قومي ٽيم جي قيادت محمد رضوان ڪندو.
انهي کان اڳ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پاڪستان کي ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ميچ برسات سبب نه ٿي سگهيو هو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهريون ون ڊي ميچ پاڪستاني وقت موجب پنجين وڳي شروع ٿيندو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جو ٻيون ميچ 19 ڊسمبر تي سپر اسپورٽس پارڪ سينچورين جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ 22 ڊسمبر تي وائڊر اسٽيڊيم جوهانسبرگ ۾ کيڏيو ويندو.
ون ڊي سيريز جا ٽئي ميچز ڊي اينڊ نائٽ هوندا ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏيا ويندا. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچ به کيڏيا ويندا پهريون ٽيسٽ ميچ 26 کان شروع ٿيندو جڏهن ته آخري ٽيسٽ ميچ 3 جنوري تي کيڏيو ويندو.