ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
26هين آئيني ترميم جي خلاف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس جنيد غفار ريمارڪس ڏنا ته جنهن بينچ پرميشن ڏني آهي اوهان جي درخواست به ساڳئي بينچ ٻڌندي. هن چيو ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو بينچ 23 ڊسمبر تي موجود هوندو درخواست ٻڌي سگهجي ٿي.
ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 26هين آئيني ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو. شاهد خاقان عباسي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته فيصلي تائين جوڊيشل ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽس ۾ نئين ججز جي مقرري به روڪي وڃي ۽ 27هين آئيني ترميم کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي