مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ حڪومت پاڻ آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد: جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ حڪومت پاڻ آهي.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ايوان جي عوامي نمائندگي تي اسان کي خدشا ضرور آهن پر گڏوگڏ پارلياماني ذميواريون به اهو ايوان نڀائي رهيو آهي. اسان به انهي ايوان جو حصو آهيون.

هن چيو ته انهي کان اڳ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن 26هين آئيني ترميم پاس ڪئي  جنهن ۾ اسان اتفاق راءِ سان ساٿ ڏنو. انهي ۾ سموريون پارٽيون حڪومتي ۽ اپوزيشن بينچن تي آن بورڊ هيون، ڏٺو وڃي ته وڏي اپوزيشن پارٽي انهي کان لاتعلقي ظاهر ڪئي ۽ انهي حوالي سان ڳالهين جو عمل به وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته سموريون پارٽيون اپوزيشن ۽  حڪومتي بينچز ۾ آن بورڊ هيون. سياست ۾ ٿيندو به ائين آهي ته ڳالهيون ٿينديون آهن. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي سمجهائينديون آهن دليلن سان سمجهائينديون آهن جنهن کان پوءِ مسئلو حل ٿيندو آهي.

جي يو آءِ سربراهه ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 2004 ۾ مدرسن جي حوالي سان سوال اٿاريا ويا اهڙن سوالن تي ڳالهيون ٿيڻ کان پوءِ قانونسازي ٿي. چيو ويو ته ديني مدرسا محتاط رهندا ته جيئن شدت پسندانه مواد پيش نه ڪيو وڃي. ڳجهيون ايجنسيون مدرسن جي معاملي ۾ مداخلت ڪنديون آهن.

هن چيو ته انهي کان پوءِ 2010 ۾ ٻيهر ٻڌڻي ٿي. اسان جي سامهون ته معاملا طئي هئا پر انهي کان پوءِ ارڙهين ترميم پاس ٿي، حڪومت چيو ته مدرسا سوسائٽيز ايڪٽ جي تحت رجسٽرڊ ٿيا آهن. پوءِ تعليم واري وزارت جي ڳالهه آئي ۽ ڳالهيون ٿينديون رهيون پر اهو ايڪٽ نه بڻجو صرف هڪ معاهدو ٿيو هو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پهريان اهي ڳالهيون ڪيون ويون هيون ته نون مدرسن جي رجسٽريشن تي حڪومت تعاون ڪندي. ديني مدرسن جا بينڪ اڪائونٽ کولڻ جون ڳالهيون به ٿيون، پرڏيهي شاگردن کي 9 سالن جي ويزا ڏيڻ جون ڳالهيون ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔