کنڊ جي قيمت ۾ 10 کان 15 روپيه في ڪلو اضافو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 10 کان 15 روپيه في ڪلو اضافو ٿي ويو آهي. تفصيل موجب ذخيرو ڪندڙ کنڊ مهانگي ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروعات کان ئي حرڪت ۾ اچي ويا هئا جنهن جي نتيجي ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 10 کان 15 روپيه في ڪلو اضافو ٿي ويو آهي.

وڏا دوڪاندار هڪ ڪلو کنڊ 130 کان 135 روپيه ڪلو ۾ ڏئي رهيا آهن ۽ ايڪس مل ريٽ 115 کان 125 روپين تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته ننڍا دوڪاندار 20 روپين جي اضافي سان کنڊ 140 کان 150 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن.

ڊيلرز ڊسمبر جي دوران کنڊ جي في ڪلو قيمت 126 ۽ جنوري ۾ 133 روپيه ٿيڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو آهي. ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته فيوچر ٽريڊ جي نالي تي جنوري ۾ قيمت وڌيڪ 8 روپيه وڌي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔