نيويارڪ : گڏيل قومن جي سربراهه شام تي اسرائيلي حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته شام تي اسرائيلي حملن تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسرائيلي حملا شام جي خودمختياري ۽ سلامتي جي ڀڃڪڙي آهن. شام تي اسرائيلي اڳڀرائي جو سلسلو جاري آهي، اسرائيل گذريل ٻن ڏينهن دوران 5 سئو کان وڌيڪ هوائي ڪيا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي جنگي جهازن شام ۾ هوائي ڪارروائي تيز ڪندي گذريل 48 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽجڪ فوجي هدفن تي 500 کان وڌيڪ هوائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ شام جو فوجي ۽ انتظامي اسٽرڪچر تباهه ٿي ويو