ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ وڌي وئي

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي. اترين علائقن ۾ برسات ۽ سخت برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

هنزه وادي ۾ قراقرم روڊ بند ٿي ويو. ڪوئٽه، اسڪردو، مالم جبه، چترال ۽ دير ۾ پارو ڪاٽو 4 تائين ڪري پيو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي مٿانهين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي. جبلن تي 2 فٽ کان وڌيڪ برف ڪرڻ کان پوءِ ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو.

گلگت بلتستان جي مٿانهين علائقن ۾ به برفباري جو سلسلو جاري آهي، استور ضلعي ۾ برفباري سبب زندگي جو نظام متاثر ٿي ويو جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ بابو سر ٽاپ، نانگا پربت ۽ بنو گاهه ۾ برفباري پئي. لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به سخت ٿڌ جي لهر برقرار آهي. بلوچستان ۾ ڪوئٽه، قلات، چمن، قلعه عبدالله، پشين ۽ زيارت سميت سموري صوبي ۾ وڌيڪ ٿڌ سبب پاڻي پائپن ۾ ڄمي ويو آهي.

ڪراچي ۾ به ٿڌيون هوائون هلي رهيون آهن جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو. ڪراچي ۾ پارو 11 ڊگري تائين ڪري پيو. موسميات کاتي موجب اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو ۽ خشڪ رهندو. ٿڌ جي موجوده لهر 15 ڊسمبر تائين برقرار رهندي جڏهن ته  ڪشمير ۽ گلگت ۾ وڌيڪ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي آلوده شهرن ۾ لاهور جو اڄ پهريون نمبر آهي جتي صبح جو سوير ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 253 رڪارڊ ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔