پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڊربن: ڏکڻ آفريڪا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان 184 رنسن جي تعاقب ۾ رڳو 172 رنسون ٺاهي سگهي.ڊربن جي ڪنگز ميڊ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستاني بالرن ڏکڻ آفريڪا جي بيٽسمينن کي شروعات ۾ ئي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ شروعاتي وڪيٽون وٺي هوم ٽيم لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون جتي هن 28 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. رضا هينڊرڪس ۽ ميٿيو بريٽزڪي بالترتيب 8 ۽ 8 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا جڏهن ته راسي وانڊرڊسن صفر تي آئوٽ ٿي ويا.اهڙي صورتحال ۾ ڊيوڊ ملر نه رڳو پنهنجي تجربي کي استعمال ڪندي هڪ اينڊ کي سنڀاليو پر رنسون اسڪور ڪرڻ جي رفتار کي به وڌايو.ڊيوڊ ملر هينرڪ ڪلاسن سان 43، ڊونووان فريرا سان 33 ۽ جارج لنڊ سان 31 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري پنهنجي ٽيم کي وڏي مجموعي طرف وٺي ويو.اهڙي صورتحال ۾ شاهين آفريدي ملر کي بائونڊري تي ڪيچ آئوٽ ڪري ڏکڻ آفريڪا جي رنسن جي رفتار کي ٽوڙي ڇڏيو. ملر 40 بالن تي 82 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، سندس اننگز ۾ 8 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا.ڪليسين 12، فريرا 7 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. جڏهن ته جارج لنڊ 24 بالن تي 48 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ٽيم جو مجموعو 183 رنسن تائين پهچايو.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ ابرار احمد 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عباس آفريدي 2 ۽ سفيان مقيم هڪ وڪيٽ ورتي.قومي ٽيم جي مستقل ڪپتان محمد رضوان ۽ اسٽار بيٽسمين بابر اعظم جي ٽيم ۾ واپسي ٿي وئي آهي، جڏهن ته زمبابوي خلاف سيريز کٽيندڙ ڪپتان سلمان علي آغا کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔