اسلام آباد ۾ به امن امان جي صورتحال ڪراچي جهڙي ٿي وئي آهي: جسٽس عامر فاروق

اسلام آباد: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ عامر فاروق وفاقي راڄڌاني ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منهنجي سڃاڻپ وارن کي به ڀُتي جون پرچيون ملي رهيون آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فوڪل پرسن انتظار پنجوتها جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ علي بخاري عدالت کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ رات جو آءِ جي اسلام آباد جو فون آيو هن ٻڌايو ته بازيابي ٿي وئي آهي مون ڪوهسار ٿاڻي تي وڃي انتظار پنجوتها کي ورتو پر انهي جي حالت بهتر نه هئي

ايڊووڪيٽ علي بخاري چيو ته مان  نٿو ٻڌائي سگهان ته اهو ڪهڙو لمحو هو جڏهن مان انتظار پنجوتها کي ڏٺو انهي جي حالت بهتر نه هئي. اهو واقعو سڀاڻي ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. اسان کي انهي معاملي کي ڏسڻ گهرجي، انتظار پنجوتها هن وقت لاهور ۾ آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هن وقت بازياب ٿيل وڪيل جي ذهني ۽ جسماني حالت اهڙي نه آهي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پوليس انهي معاملي جي مڪمل جاچ ڪري. هن چيو ته هڪ مهذب معاشري ۾ اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي. ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب اوهان به ڏسو ته گم ٿي ويلن جا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن؟ اسان انهي کي اغوا براءِ تاوان جي واقعي طور تي ئي ورتو پر ان باوجود واقعن جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل جي ڪوششن سان بازيابي ٿي پر انهي ڳالهه کي منفي انداز ۾ ورتو پيو وڃي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي ڪجهه تڪڙو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ به هاڻ ڪراچي واري صورتحال ٿي وئي آهي منهنجي پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن ماڻهن کي اسلام آباد ۾ ڀُتو ڏيڻ لاءِ پرچيون مليون آهن. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اٽارني جنرل ڪوشش ڪئي اهو لا آفيسر آهي انهي جي خلاف منفي مهم نه هجڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔