لاهور: پنجاب پوليس طرفان مختلف ادارن کان 2 ارب 13 ڪروڙ جي خريداري ۾ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
آڊٽ رپورٽ 2023-24 پنجاب اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايس پي ڊولفن اسڪواڊ لاهور موٽر بائيڪس جا پرزا خريد ڪرڻ تي 8 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بڊز سيڪيورٽي وصول نه ڪئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن لاهور گاڏين جي مرمت تي 6 ڪروڙ 58 لک روپيه خرچ ڪيا. آءِ جي پنجاب آفيس هڪ ارب 62 ڪروڙ جون اهڙيون شيون خريد ڪيون جنهن جي ڊليوري چارج نه ورتي وئي. پنجاب سيف سٽي اٿارٽي دير سان سامان فراهم ڪرڻ تي نجي ڪمپنين کي 5 ڪروڙ جا چارج نه لڳايا.
رپورٽ موجب آءِ جي پنجاب آفيس مختلف شين جي خريداري ۾ 4 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ جون مالي بي ضابطگيون ڪيون. ڊي پي او گجرات گاڏين جي مرمت تي 3 ڪروڙ 15 لک روپين جون مالي بي ضابطگيون ڪيون. جڏهن ته ايس پي پوليس رسپانس يونٽ ڊولفن قائدا ۽ ضابطا پورا نه ڪندي 2 ڪروڙ 15 لک جي خريداري ڪئي.
آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊي پي او گجرات غذائي شين جي ٽينڊرز جي بجاءِ هڪ ڪروڙ 80 لک جي ڪوٽيشن تي خريداري ڪئي. ڊي پي او شيخوپوره 84 لک موبل آئل جي خريداري ۾ بي ضابطگيون ڪيون، سي پي او فيصل آباد بليڪ لسٽ ڪمپني کان 82 لک جي خريداري ڪئي. آڊٽ رپورٽ موجب ايليٽ پوليس فورس لاهور پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي 4 ڪروڙ 24 لک جي خريداري ڪئي