حق ۽ سچ جي لاءِ آواز اٿاريندڙ صحافين تي ظلم بند ٿيڻ گهرجي: مريم نواز

اسلام آباد: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته حق ۽ سچ جي لاءِ آواز اٿاريندڙ صحافين تي ظلم ۽ تشدد بند ٿيڻ گهرجي.

پنجاب جي وزيراعليٰ صحافين جي خلاف ڏوهن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير، فلسطين ۽ سڄي دنيا ۾ صحافين تي تشدد مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته احساس ذميواري سان آزاد صحافت جمهوريت جي ميراث آهي ۽ مضبوط جمهوري معاشري جي لاءِ آزاد صحافت جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته صحافي معاشرتي انصاف جا محافظ ۽ عوام جو آواز آهن. ظلم، ناانصافي ۽ ڪوڙ کي بي نقاب ڪندڙ صحآفي تعريف جا حقدار آهن.

هن وڌيڪ چيو ته مان بحيثيت وزيراعليٰ جي طور تي آزاد صحافت جي تحفظ جي ضامن آهيان ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ حڪومت جو فرض آهي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ڇت جو خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔