لاهور : لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد 9 مئي تي باهه لڳڻ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو ٻڌايو.عدالت گلبرگ ٿاڻي ۽ ٻين ڪيسن ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت مراد سعيد، ميان اسلم اقبال، حماد اظهر، فرحت عباس، واثق قيوم، زبير نيازي ۽ حامد رضا گيلاني جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري 7 نومبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.