سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ طلب، اهم قانونسازي جو امڪان

اسلام آباد: سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ ٿيندا جنهن ۾ اهم قانونسازي جو امڪان آهي، حڪومتي ميمبرن کي ايوان ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس شام جو 5 وڳي گهرايو ويو هو جنهن جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، هاڻ اجلاس 4 وڳي ٿيندو.

ذريعن موجب حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اهم قانونسازي ڪرڻ چاهي ٿي ۽ حڪومتي ميمبرن کي ايوان ۾ پنهنجي حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس جو 7 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، اڄ دهشتگردي جي انت وارو ترميمي بل به منظور ٿيڻ جو امڪان آهي.

ايجنڊا موجب قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ايوان ۾ پيش ڪندو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ججز جو انگ وڌائڻ جو بل به منظور ڪرائڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس به اڄ طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔