انڊونيشيا ۾ آئي فون 16 جي وڪرو تي پابندي

لنڊن: انڊونيشيا ۾ آئي فون 16 سيريز جي وڪرو تي پابندي لڳائي وئي آهي.انڊونيشيا جي ميڊيا رپورٽن موجب حڪومت طرفان آئي فون 16 سيريز جي وڪرو تي پابندي ايپل جي انڊونيشيا ۾ سيڙپڪاري جا واعدا پورا نه ڪرڻ تي لاڳو ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايپل انڊونيشيا ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽرز لاءِ 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن وقت تائين ڪمپني صرف 950 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.رپورٽ موجب انڊونيشيا جي صنعت واري وزارت ايپل ڊوائيسز لاءِ IMEI سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انڊونيشيا جي قانونن تحت پرڏيهي ڪمپنيون اتي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پروڊڪٽس ۾ 40 سيڪڙو مقامي مواد استعمال ڪنديون آهن، ان ڪري جيڪڏهن ڪا پرڏيهي ڪمپني انڊونيشيا ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي پنهنجون شيون انڊونيشيا ۾ ئي تيار ڪرڻ گهرجن ان جا ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر اتي قائم ڪيا وڃن.رپورٽ موجب، انڊونيشيا ماضي ۾ غير ملڪي ڪمپنين تي اهڙيون پابنديون لاڳو ڪيون آهن ته جيئن مصنوعات جي گهريلو طلب کي وڌايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔