اسلام آباد: پوليس ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن موجب ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس خلاف آبپاره ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي انهن جي خلاف ڪيس سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ ٻين قلمن جي تحت داخل ڪيو ويو آهي.
وڪيل ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لڳايل سيڪيورٽي روٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پوليس ذريعن موجب ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس پوليس اهلڪارن سان مزاحمت پڻ ڪئي.
پوليس موجب ايمان مزاري جي مڙس اهلڪارن کي ٿڦڙ هنيا ۽ گاريون ڏيڻ کان علاوه اهلڪارن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون جنهن کان پوءِ ٻئي ڄڻا بيريئرز هٽائيندي موقعي تان فرار ٿي ويا هئا.