اسرائيل طرفان غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ 6 فوجين جي مارجڻ جي تصديق

يروشلم: اسرائيلي فوج غزه ۽ لبنان ۾ چڪرين دوران وڌيڪ 6 فوجي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڇنڇر جي رات لبنان ۾ حزب الله سان چڪرين ۾ 5 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿيا. اسرائيلي فوج موجب، مارجي ويلن ۾ هڪ ميجر، 2 ريزرو ڪيپٽن، هڪ ريزرو ماسٽر سارجنٽ ۽ هڪ ريزرو ماسٽر سارجنٽ ميجر شامل آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب، لبنان ۾ جاري زميني ڪارروائي ۾ هن وقت تائين 34 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن. اسرائيلي فوج ڏکڻ غزه ۾ به ويڙهه دوران هڪ فوجي جي مارجڻ جو اعلان ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔