اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم جي خلاف ٽئين درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ عدليه جي آزادي خلاف ترميم نٿو ڪري سگهي، 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ وفاقي حڪومت، قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل کي ڌر بنايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواست ايڊووڪيٽ ميان آصف طرفان 184(3) جي تحت داخل ڪئي وئي.جنهن ۾ وفاقي حڪومت، قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ عدليه جي آزادي خلاف ترميم نٿي ڪري سگهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدليه جي آزادي آئين جي بنيادي ڍانچي جو اهم جُز آهي، پارليامينٽ طرفان عدالتي معاملن ۾ مداخلت عدليه جي آزادي ۽ انصاف جي فراهمي کي متاثر ڪري ٿي.