انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست، پاڪستان ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي

راولپنڊي : راولپنڊي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي پهرين سيشن ۾ فيصلو ٿي ويو، پاڪستان انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. هڪ ڀيرو ٻيهر انگلش بيٽسمين پاڪستاني اسپنرز آڏو بيوس نظر آيا، پنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 112 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي فتح لاءِ صرف 36 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ويو.گذريل ڏينهن انگلينڊ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن کانپوءِ راند شروع ٿيڻ جي ٿوري دير کانپوءِ پاڪستان کي فتح ملي وئي.انگلينڊ جي چوٿين وڪيٽ 66 رنسن تي ڪري پئي، هيري بروڪ 26 رنسون ٺاهي نعمان علي کي آئوٽ ڪيو.انگلينڊ جي پنجين وڪيٽ 70 رنسن تي ڪري ڪجهه دير بعد بين اسٽوڪس به 3 رنسن تي نعمان علي جي هٿان آئوٽ ٿي ويو. انگلينڊ جي ڇهين وڪيٽ 75 رنسن تي ڪري پئي، جيمي سمٿ 3 رنسون ٺاهي ساجد خان جي هٿان بولڊ ٿي ويو.انگلينڊ جي ستين وڪيٽ نعمان علي 85 رنسن تي ورتي، هن جو روٽ کي 33 رنسن تي آئوٽ ڪيو.انگلش ٽيم جي اٺين وڪيٽ 97 ۽ نائين وڪيٽ 106 رنسن تي ڪري، ٻئي وڪيٽون ساجد خان حاصل ڪيون.انگلينڊ جي آخري وڪيٽ 112 رنسن تي ڪري پئي جيڪا نعمان علي ورتي.ٻي اننگز ۾ نعمان علي 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ ساجد خان 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 267 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ٽيم 344 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔