آمريڪي سفارتخاني ڏانهن غزه مارچ ڪرڻ تي اڳوڻي سينيٽر مشتاق مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد:  آمريڪي سفارتخاني طرف غزه مارچ ڪرڻ تي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  

جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي خلاف  اسلام آباد جي آبپاره ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت اسلام آباد مان گرفتار 3 عورتن کي ڪيس مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو جڏهن ته 28 مرد مظاهرين کي جوڊيشل ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو.

مشتاق احمد سيو غزه مهم جي تحت غزه جي عوام  سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آبپاره مان آمريڪي سفارتخاني تائين مارچ جو سڏ ڏنو هو. اڳوڻي سينيٽر ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻ مشتاق احمد جي خلاف دهشتگردي سميت 13 قلمن جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. گذريل ڏينهن 3 عورتن سميت 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

ڪيس جي متن موجب شهداءِ مسجد جي ٻاهران مظاهرين احتجاج ڪري رهيا هئا. مظاهرين  اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي چوڻ تي ريڊ زون طرف مارچ شروع ڪيو. مظاهرين کي روڪڻ تي پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو، ڏنڊن سان حملو ڪرڻ سبب 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي پٿراءُ سبب 6 عوامي ۽ 2 سرڪاري گاڏين جا شيشا پڻ ٽٽي پيا. ڪجهه مظاهرين ڪانسٽيبل ظفرالله کان اينٽي رائٽس ڪٽ ۽ هيلمٽ به ڦري ورتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔