حڪومت جا 7 ميمبر ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندا: گوهر

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر دعويٰ ڪئي آهي ته آئيني ترميم جي لاءِ حڪومتي بينچز مان 7 ميمبر ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندا. گڏيل آئيني ترميم جي حوالي سان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته حڪومت جا ووٽ صرف انهن جي ڪتابن ۾ پورا آهن. حڪومت نه پنهنجن ميمبرن کان پڇيو آهي نه ئي وري ڊپ سبب جواب ڏنو آهي. مون وٽ ڀروسي جوڳن ذريعن کان خبر آئي آهي ته 7 ميمبر ووٽ نه ڏيندا.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اهي ميمبر چون ٿا ته اسان ووٽ نه ڏينداسين اسان انهي ڳالهه تي يقين نٿا رکون ٿا ته ووٽ انهي طريقي سان ڏنا وڃن. حڪومتي ميمبرن چيو ته اسان نااهل به ٿي وڃون پر ووٽ نه ڏينداسين شايد بلاول کي به خبر هوندي ته انهن جا پنهنجا ميمبر ووٽ نه پيا ڏين.ٻئي طرف آئيني ترميم تي اتفاق راءِ جي لاءِ پارلياماني خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو ته هن وقت ڳالهائڻ وقت کان اڳ آهي. مولانا فضل الرحمان ايندو ته ڳالهيون ڪنداسين هن وقت پي ٽي آءِ وارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ ٻئي طرف اسان جي ماڻهن کي روڪ رقم جي آڇ ٿي رهي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته پارليامينٽ کي بهتر بنائڻ جي ايجنڊا آهي. ايم ڪيو ايم عدالتي اصلاحات ۾ تعاون جو فيصلو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم انهي مسودي جي حق ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔