حڪومتي پارٽيون آئيني ترميم تي گڏ، جي يو آءِ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد: : آئيني ترميم جي معاملي تي حڪومتي اتحادي پارٽيون هڪ پيج تي اچي ويون آهن. جڏهن ته جي يو آءِ ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق راءِ جي لاءِ پارلياماني خصوصي ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي.جي يو آءِ آئيني ترميم تي خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مسودو پيش ڪندي آئيني عدالت تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ آئيني عدالت جي جڳهه بينچ جوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جي ڊرافٽ ۾ صرف آئيني عدالت ۽ بينچ جو فرق آهي، پيپلز پارٽي جي ٻئي ڊرافٽ تي اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي. اميد آهي ته جلد ٻئي پارٽيون گڏيل ڊرافٽ تي اتفاق ڪري وٺنديون. سينيٽر ڪامران مرتضي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جي ڊرافٽ ۾ صرف آئيني عدالت ۽ بينچ جو فرق آهي، پيپلز پارٽي جي ٻئي ڊرافٽ تي اسان کي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه آهي، اميد آهي ته جلد ٻئي پارٽيون گڏيل ڊرافٽ تي اتفاق ڪري وٺنديون.سينيٽر ڪامران مرتضيٰ حڪومت جي 56 نڪتن تي ٻڌل مسودي جي جواب ۾ 24 نڪتا پيش ڪندي چيو ته 200 کان به گهٽ آئين ڪيسن جي لاءِ وڏي سيٽ اپ جي ڪابه ضرورت نه آهي.شيري رحمان چيو ته ڪابه شيءَ پرفيڪٽ ناهي هوندي، آئيني ترميم به پرفيڪٽ نه هوندي. آئيني ترميم ۾ شفافيت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي اها ڪوشش آهي ته اتفاق راءِ ٿي وڃي.ٻئي طرف حڪومت جي يو آءِ جي ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهي ۽ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي پارٽيون آئيني ترميم جي معاملي تي هڪ پيج تي اچي ويون آهن. ذريعن موجب حڪومت جو آئيني ترميم جي 56 نڪتن تي ٻڌل مسودو پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت آهي. حڪومت مولانا فضل الرحمان کي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جو حصو ٺاهيو پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر به وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.ذريعن چيو آهي ته اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتارين جو ڏوراپو ڏنو جنهن تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ترميم تي تجويز ڏيو اهو معاملو بعد جو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ بيرسٽر علي ظفر به آئيني ترميم جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيون.آئيني ترميم جي معاملي تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي ٻيهر ٿيندو. ڪجهه ميمبر سمورين پارٽين جي مسودي کي گڏ ڪري هڪ ڊرافٽ تيار ڪندا. آئيني ترميم بابت مسودن تي غور لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي ذيلي ڪميٽي مخصوص ڪميٽي کي رپورٽ ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔