آءِ ايم ايف پاران پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حڪومت کان وڌيڪ قدمن جو مطالبو

اسلام آباد آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حڪومت کان وڌيڪ قدمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل 7 ارب ڊالرن جي نئين قرض پروگرام تحت طئي ٿيندڙ شرطن بابت رپورٽ ۾ عالمي اداري پاڪستان ۾ سرڪاري بدانتظامي جي نشاندهي ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جي ڪيسن ۾ سياسي مقصدن لاءِ هراساني ختم ڪئي وڃي

حڪومت کان مطالبن ۾ عالمي اداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ قومي احتساب بيورو کي وڌيڪ آزاد ۽ خود مختيار بڻائڻ جا قدم کنيا وڃن ۽ نيب کي احتساب لاءِ وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي.

پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جاچ نظام بهتر بڻايو وڃي، جون 2025 تائين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ايڪشن پلان جوڙيو وڃي.

آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي روشني ۾ جائزي واري رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ ڪرپشن خلاف ڪيسن ۾ سرڪاري ادارن جي ڪمزور قانوني صلاحيت کي بهتر بڻايو وڃي.

عالمي اداري طرفان اهو به چيو ويو آهي ته سمورن سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جي ڄاڻ تائين پهچ آسان بڻائي وڃي، سرڪاري آفيسرن جي غير قانوني طريقي سان وڌندڙ اثاثن کي روڪيو وڃي ۽ سرڪاري آفيسر جي اثاثن ۽ آمدني جي گوشوارن کي پبلڪ ڪيو وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري تائين سرڪاري آفيسرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا اثاثا پبلڪ ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي، سڀني سرڪاري آفيسرن جا اثاثا پبلڪ ڪرڻ لاءِ ايف بي آر کي ڊجيٽلائز ڪيو وڃي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته نيب کي ڪرپشن جي جاچ لاءِ درست ڊيٽا فراهم ناهي ڪئي ويندي، مطالبو ٿا ڪيون ته پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔