پاڪستان آءِ ايم ايف جون سخت شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، ڪجهه جو تعلق چين سان هو: وزيراعظم

نيويارڪ: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ جي گڏجاڻي آهي، اسان هنن جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، ڏکيون شرطون هيون.

وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي ڪجهه شرطن جو تعلق چين سان هو، چين ٻيهر هٿ پڪڙيو ۽ ماضي جيان پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪيو

هن چيو ته چيني قيادت، سعودي عرب ۽ يو اي اي جا ٿورائتا آهيون، انهن جي تعاون کان سواءِ اهو ممڪن نه هو، وزيراعظم چيو ته گڏيل ڪاوشن سان حڪومت ۽ ادارن گڏجي معاشي چيلنجز کي قبول ڪيو، ڏينهن رات محنت سبب معاشي اشارن ۾ بهتري اچي رهي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان به ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن طرفان مختلف معاملن تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي صدر گڏيل قومن ۾ فلسطين جي باري ۾ ڪيل تقرير بهترين هئي، جهڙي طرح هن فلسطين جو مسئلو بيان، هال ۾ موجود سڀني ماڻهن جا دل کٽي ورتا، مون پرجوش تقرير تي ترڪ صدر کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهيون ڪيون ويون، صدر اردوان ٻڌايو ته هو جلد پاڪستان جي دوري تي پهچندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔