آئيني ترميم جو معاملو غور هيٺ آهي، انهي فيصلي تي عمل ٿيندو جيڪو آئين موجب هوندو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن  بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته انهي  فيصلي تي عمل ٿيندو جيڪو آئين موجب هوندو.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آئيني ترميم جو معاملو هن وقت به غور هيٺ آهي اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه نڪتن تي اتفاف ٿي ويندو، انهي کان اڳ(ن) ليگي حڪومت جي اتحادي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته آئيني عدالت ضروري ۽ مجبوري آهي انهي لاءِ آئيني عدالت ٺاهي رهنداسين ته جيئن ڪنهن ٻئي وزيراعظم کي ڦاهي جي  ڦندي تي نه لٽڪايو وڃي، ماڻهن کي انصاف ملي سگهي

هن چيو ته 18هين ترميم ۾ ججن جي مقرري جو اهو طريقو تبديل ڪرڻو پيو جيڪو پوري دنيا ۾ لاڳو آهي، آمريڪا  ۾ پوري پارليامينٽ ججز جي مقرري جو فيصلو ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته آمريڪا ۾ اڄ تائين مارشل لا ناهي لڳي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔