نان فائلرز جي ڪيٽيگري ختم، ملڪيت، پرڏيهي سفر ۽ اڪائونٽ کولڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد:  فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) نان فائلرز جي  ڪيٽيگري ختم ڪري ٽيڪس نه ڏيندڙن تي 5 پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جن مان 5 شروعاتي طور تي لڳايون وينديون جن ۾ ملڪيت، گاڏيون، پرڏيهي سفير، ڪرنٽ اڪائونٽ کولڻ ۽ ميوچل فنڊز ۾ سرمائيڪاري تي به پابنديون شامل آهن.

ايف بي آر نان فائلرز کي نشانو بنائڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن ٽيڪس ڪمپلانس کي وڌائي سگهجي ۽ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪري سگهجي، نان فائلرز ڪيٽيگري کي ختم ڪيو ويندو.

شروعاتي پابندين ۾ ملڪيت جي خريداري، گاڏين جي خريداري، ميوچل فنڊز ۾ سرمائيڪاري، ڪرنٽ اڪائونٽس کولڻ ۽ پرڏيهي سفر(مذهبي سفر کان علاوه)  شامل آهن. حڪومت نان فائلر ڪيٽيگري کي ختم ڪري رهي آهي جنهن جو مطلب آهي ته اهي ماڻهو جيڪي  ڏيتي ليتي تي ٽيڪس ادا ڪرڻ کان بچڻ جي لاءِ معمولي فيس ادا ڪندا هئا، هاڻ ائين نه ڪري سگهندا

ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لانگڙيال انڪشاف ڪيو ته ٽيڪس ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙ ماڻهن جي لاءِ 15 مخصوص سرگرمين تي پابندي لڳائي ويندي جن ۾ شروعاتي طور تي  5 اهم شعبن تي ڌيان رکيو ويندو، اهي قدم ايف بي آر جي تبديلي واري منصوبي جو حصو آهن جنهن کي وزيراعظم جي منظوري ملي چڪي آهي.

هڪ سرڪاري عهديدار تصديق ڪئي آهي ته انهي قدم کي هڪ آرڊيننس جي ذريعي لاڳو ڪيو ويندو ۽ ايف بي آر پهريان ئي انهي جي قائدن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ قانون جي وزارت کي انهي عمل ۾ شامل ڪري رهيو آهي. ايف بي آر چيئرمين نان فائلرز کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته اهڙيون درجه بنديون سڄي دنيا ۾ نٿيون ملن، انهن کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڌيان ٽيڪس ڪمپلائنس ڪندڙن ۽ نه ڪندڙ ماڻهن تي هجڻ گهرجي. اسان جديد مشين ٽريننگ ۽ الگورتمز جي ذريعي نان فائلرز جي سڃاڻپ ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال نان فائلرز کان صرف 25 ارب روپيه فيس جي مد ۾ جمع ٿيا جڏهن ته اهڙن ماڻهن کان امڪاني ٽيڪس، روينيو اڃان تائين وصول ناهي ڪيو ويو، نئين پاليسين جي تحت نان فائلرز کي روايتي بينڪ اڪائونٽس کولڻ کان روڪيو وڃي، سواءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي بنيادي اڪائونٽس جي اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ايف بي آر سڄي ملڪ ۾ اهم داخلي هنڌن تي آٽوميشن ۽ افرادي قوت کي وڌائي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔