پاور سيڪٽر جي قرض ۾ وڌيڪ 100 ارب رپيا واڌ

اسلام آباد: هلندڙ مالي سال پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ۾ وڌيڪ سئو ارب رپيا اضافو ٿيندو. ذريعن موجب، گردشي قرض ۾ اضافي جو پلان آءِ ايم ايف سان به شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن موجب، جون 2025 تائين بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 2500 ارب رپين کان ٽپي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاور سيڪٽر جو گرڊشي قرض 2400 ارب رپين کان وڌي چڪو آهي ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه دوران عالمي مالياتي اداري پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيرف ايڊجسٽمينٽس بروقت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف طرفان بجلي واري شعبي جو گردشي قرض 2500 ارب رپين کان نه وڌڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال دوران به آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب، گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيو هو. ذريعن موجب، گذريل مالي سال جي شرطن موجب پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2310 ارب تي ڪنٽرول ڪرڻ هو، آءِ ايم ايف شرطن موجب گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيو ته اِها قرض معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔