اسلام آباد جلسو ، پي ٽي آءِ قيادت جي خلاف 3 ڪيس داخل

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جو جلسو وقت تي ختم نه ڪرڻ پوليس تي پٿراءُ ۽ روٽ جي ڀڃڪڙي تي منتظمين جي خلاف 3 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.رپورٽ موجب پرامن اجتماع ۽ امن امان جي بل تحت پهريان 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي پي ٽي آءِ قيادت جي خلاف داخل ٿيل آهن. پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جلسي جي منتظمن خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پهريون ڪيس سنگجاڻي ٿاڻي ۾ جلسي جي مقرر وقت جي پاسداري نه ڪرڻ تي داخل ڪيو ويو. ٻيو ڪيس سمبل ٿاڻي ۾ مقرر روٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي قافلا سادات ڪالوني ۽ سري نگر هاءِ وي تان آڻڻ تي داخل ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب اهي طرح ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب اهڙي طرح ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي پوليس استغاثه تيار ڪري ورتو آهي ڪيسن ۾ زرتاج گل، عامر مغل، شعيب شاهين، عمر ايوب، سيمابينه طاهر ۽ راجا بشاورت سميت 28 مقامي اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. استغاثه موجب پوليس روٽ جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪيو جنهن تي ڪارڪنن طرفان پٿرن ۽ ڏنڊن سان پوليس تي حملو ڪيو ويو پوليس شيلنگ ڪئي ۽ موقعي تان 17 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔