عمران خان اسرائيلي اختيارين کي پيغام موڪليا آهن: رپورٽ

تل ابيب : اسرائيلي اخبار ۾ ڇپيل مضمون ۾ عمران خان کي پاڪستان – اسرائيل لاڳاپن لاءِ موزون شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. ٽائمز آف اسرائيل ۾ ڇپيل بلاگ برسلز سان واسطو رکندڙ عالمي لاڳاپن جي عورت محقق عينور بشيروفا لکيو آهي. پنهنجي مضمون ۾ هن چيو ته پاڪستان جو اسرائيل بابت تاريخي موقف ته سڀني کي خبر آهي ته فلسطيني ڪاز جو وڏو حمايتي آهي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان جي سڃاڻپ سان ويڙهه آهي، پاڪستان ۾ فلسطين سان محبت ڪو سياسي معاملو نه پر پاڪستان جي رڳ ۾ موجود آهي، جنهن جي عڪاسي پاڪستان جي سرڪاري پاليسين مان ظاهر آهي.مضمون ۾ چيو ويو ته عمران خان به فلسطين جي حق ۾ آواز اٿاريو، غزا ۾ اسرائيل ظلمن جي مذمت ۽ اسرائيل سان لاڳاپن جي مخالفت ڪئي پر عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ پرڏيهي لاڳاپن جي حوالي سان منطقي پاليسي اختيار ڪئي ۽ عوامي بيانن ۽ پردي پويان سفارتڪاري وچ ۾ توازن برقرار رکيو، هن نه رڳو روايتي اتحادين سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملڪي مفاد ۾ مخالفن سان به رابطا ڪيا. مضمون ۾ لکيو ويو ته ان انداز سان خبر پئي ٿي ته عمران خان اسرائيل بابت پاڪستان جي موقف تي نظرثاني لاءِ پنهنجي عوامي بيانن کان وڌيڪ کليل آهي، پي ٽي آءِ باني جي گولڊ سمٿ فيملي سان مٽي مائٽي هڪ حقيقت آهي ۽ گولڊ سمٿ خاندان سان اهو تعلق پي ٽي آءِ باني جو اسرائيل بابت موقف تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بلاگ ۾ چيو ويو ته زيڪ گولڊ سمٿ جو برطانيا ۾ اسرائيل نواز لابيز سان تعلق آهي، عمران خان اسرائيل بابت پاڪستان جي موقف تي نظرثاني لاءِ وڌيڪ کليل ٿي سگهي ٿو، اهڙا اطلاع سامهون آيا آهن ته عمران خان گولڊ سمٿ فيملي ذريعي اسرائيلي اختيارين کي پيغام موڪيا ۽ پاڪستان اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ تي غور ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ مذهبي موقف کي اعتدال تي آڻڻ لاءِ پنهنجي رضامندي جو اشارو ڏنو. مضمون نگار چيو جيڪڏهن اهي رپورٽس درست آهن ته اهي اسرائيل بابت عمران خان جي نظريي ۾ لچڪ جي عڪاسي ڪن ٿيون، جيڪو پاڪستان جي روايتي موقف کان مختلف هوندو. مضمون ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسرائيل ۽ ان جي اتحادين کي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته عمران خان ٻيهر پاڪستاني سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ آزاد هجي ۽ اعتدال پسندي جو رستو اختيار ڪرڻ جو آواز بڻجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔