هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت ضروري آهي: ايڪتا ڪپور

ممبئي: بالي ووڊ جي نامور هدايتڪار ۽ اداڪارا ايڪتا ڪپور مليالم فلم انڊسٽري ۾ جنسي هراساني بابت ڳالهائيندي چيو ته اِهو رڳو فلم انڊسٽريءَ ۾ نه پر هر شعبي ۾ عورت لاءِ مسئلو آهي. ايڪتا ڪپور ممبئي ۾ فلم ” دي بڪنگهم مرڊرز “ جي ٽريلز لانچ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هدايتڪار هنسل مهتا، شريڪ پرڊيوسر شوڀا ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور پڻ موجود هيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪم واري جاءِ تي جنسي هراساني هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيوته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي اچي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي، فورسز ۽ ايجنسيز ۾ عورتن جي شموليت ضرورت آهي. ايڪتا ڪپور ٻن عورت پرڊيوسرز طرفان ڪرائم اسٽوري تي ٻڌل فلم ٺاهڻ واري عمل جي واکاڻ ڪندي ان کي عورتن لاءِ تحفظ ۽ طاقت جي علامت قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ڪمپنين ۽ ٻين ادارن جي مٿانهين سطح تي عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن هو قيادت ڪري سگهن ۽ عورتن جي ڪم واري هنڌ کي محفوظ بڻائي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔