سڀني کي ڪپتان بڻايو،هاڻ رڳو رضوان رهجي ويو، حسن رضا

اسلام آباد؛ پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر حسن رضا چيو آهي ته سڀني کي ڪپتان بڻايو ويو آهي، هاڻي رڳو رضوان کي ئي ڪپتاني ڏني وڃي.حسن رضا چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ گراس روٽ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو انفراسٽرڪچر ڪمزور ٿي چڪو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ تسلسل ناهي، چيئرمين تبديل ٿيندا رهندا آهن، پاڪستان ڪرڪيٽ جو دنيا ۾ نالو هوندو هو ۽ ويسٽ انڊين به اسان کان ڊڄندا هئا. نوجوان بيٽسمين صائم ايوب بابت ڳالهائيندي حسن رضا چيو ته صائم ٽي 20 مان آيو ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏيو، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو ڪجهه اسٽيٽس ٺاهڻو پوندو، پاڪستاني رانديگرن کي 80 اوورن جي گرائونڊ ۾ بيهڻ جي مشق ڪرڻي پوندي.هن وڌيڪ چيو ته خبر ناهي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪوچ ڇا ڪري رهيا آهن، اسان جي اسپنرن تي بيٽسمين آئوٽ ٿي رهيا آهن ۽ بابر اعظم گهڻو دٻاءُ ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔