پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي منظوري وڌيڪ دير جو شڪار

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کان پاڪستان جي لاءِ 7 ارب ڊالر قرض پروگرام جي منظوري وڌيڪ دير جو شڪار ٿي وئي آهي.

آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي سيپٽمبر ۾ وڌيڪ اجلاس جو ڪيلينڊر جاري ڪيو ويو جڏهن ته بورڊ جي 9 ۽ 13 سيپٽمبر تي اجلاسن جو شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي. بورڊ جي 9 ۽ 13 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ به پاڪستان جو ايجنڊا شامل نه آهي.

آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي 9 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ڀوٽان جو ڪيس شامل آهي ۽ 13 سيپٽمبر جي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ ناروي جو ڪيس شامل آهي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 12 جولاءِ تي ٿيو هو. ذريعن موجب پاڪستان کي اڃان تائين ٻاهرين فنانسنگ کيپ کي پورو ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ اڳواٽ شرط پوري ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جو ايجنڊا شامل ٿيڻ جو امڪان آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهي جڏهن ته ان حوالي سان ناڻي واري وزير چيو آهي ته ايڪسٽرنل فنانسنگ کيپ پورو ڪرڻ جي لاءِ ايڊوانس اسٽيج تي آهيون ۽ هن مهيني قرض پروگرام جي آءِ ايم ايف کان منظوري ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔