برسات ۾ لڙهندڙ خاندان جي جان بڇائيندڙ لاءِ 25 لک جو انعام

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله ۾ برسات ۾ لڙهندڙ خاندان کي ريسڪيو ڪندڙ ايڪسڪاويٽر ڊرائيور محب الله کي 25 لک روپيا انعام ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ بڌايو ويو آهي ته وزيراعظم محب الله سان ملاقات ڪري سندس انساني خدمت واري جذبي جي واکاڻ ڪندي چيو ته اوهان تي پوري قوم کي فخر آهي. گذريل مهيني برساتن دوران ڪولڪ درياءَ ۾ هڪ پراڊو گاڏي ڦاسي پئي هئي جنهن م هڪ عورت ۽ 3 ٻار سوار هئا. ماڻهو ڪناري تي بيهي تماشو ڏسندا رهيا پر محب الله پنهنجي گهران ڪرين ڪاهي آيو ۽ جان جي پرواهه ڪرڻ بنا هن ڪرين جي مدد سان گاڏي کي محفوظ طريقي سان ڪناري تي آندو هو ۽ گاڏي ۾ سوار سڀني جي جان بچائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔