رونالڊو مسٽر بيسٽ کي هارائڻ جو خواهشمند

دبئي : پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو يوٽيوب جو گولڊن بٽڻ حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ايندڙ گول جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي يوٽيوب چينل کي لانچ ڪرڻ جي صرف هڪ ڏينهن بعد گولڊن بٽڻ حاصل ڪري ورتو ۽ هاڻي هن جو مقصد جمي ڊونالڊسن عرف ‘مسٽر بيسٽ’ کي شڪست ڏئي وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم تي سڀ کان وڌيڪ سبسڪرائيب ڪيل چينل بڻجي ويو آهي هن پنهنجي خواهش جو اظهار نيشنل ليگ ۾ ڪروشيا خلاف پرتگال جي ميچ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافين سان خوشگوار انداز ۾ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔