ڳرن ٽيڪسن ۽ مهانگي بجليءَ خلاف ملڪگيرهڙتال، مظاهرا، ڌرڻا، ڪاروبار بند

اسلام آباد: بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن جي واڌ خلاف واپاري تنظيمن پاران اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي.واپاري تنظيمن جي هڙتال سبب ڪراچي کان خيبر تائين ڪاروباري مرڪز بند آهن ۽ هڙتال سبب مختلف شهرن ۾ اسڪول به بند آهن.جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ سميت ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد انتظاميا ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينر رکي بند ڪري ڇڏيا آهن.لاهور جون واپاري تنظيمون هڙتال جي معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهايل آهن، هڪ گروهه هڙتال جي حق ۾ آهي جڏهن ته ٻيو گروپ هڙتال جي خلاف آهي.صدر انجمن تاجران ڪراچي جاويد شمس جو چوڻ آهي ته سياسي قيادت ناڪام ٿي وئي آهي، 28 آگسٽ تي مڪمل هڙتال ڪئي ويندي.آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ جي صدر اڄ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ اڄ ڪاروبار بند رهندو، ٽيڪسن ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ کي رد ڪندي.هن وڌيڪ چيو ته حڪمران طبقو واپارين ۽ عوام کان جيئڻ جو حق کسڻ چاهي ٿو، واپاري دوست اسڪيم موجوده شڪل ۾ قبول ناهي.ڪراچي اليڪٽرڪ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر محمد رضوان چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين سموريون واپاري تنظيمون هڙتال ۾ شامل آهن، جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته هڙتال جو دائرو وڌي سگهي ٿو.آل ڪراچي ٽريڊرز يونين جي صدر عتيق مير چيو آهي ته هي واپارين جي نه پر شهرين جي هڙتال آهي، مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو پريشان آهي.پشاور ۾ به واپارين پاران مختلف بازارون بند رکيون ويون آهن ۽ واپاري اتحادين مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي، ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔