زال کي ٻڌايم ته ڪپڙا،صفائي ڪندس،ماني نه پچائيندس،نصيرالدين شاهه

ممبئي : بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه پنهنجي ڪامياب شادي شده زندگيءَ جو راز پنهنجي زال سان دوستي ۽ هڪ ٻئي تي ذميواريون نه وجهڻ کي قرار ڏنو آهي.نصيرالدين شاهه ۽ رتنا ڦاٽڪ شاهه جي شادي 1982ع ۾ ٿي، جنهن کي 4 ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي.ڪجهه مهينا اڳ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نصيرالدين شاهه پنهنجي زال رتنا بابت ٻڌايو ته رتنا سان منهنجي پهرين ملاقات ممبئي ۾ هڪ ڊرامي دوران ٿي هئي، رتنا ان وقت 17 سالن جي هئي ۽ ان ڊرامي دوران مون رتنا کي پسند ڪيو هو.نصير الدين شاهه پنهنجي ڪامياب شادي شده زندگيءَ جو راز ٻڌائيندي چيو ته اسان جي ڪامياب شادي شده زندگيءَ جو راز اهو آهي ته اسان ٻنهي ڪڏهن به هڪ ٻئي کان ڪا به پڪي اميد نه رکي هئي. ڪڏهن به هڪ ٻئي تي ڪو به فرض نه ڪيو، مون پنهنجي زال کي چيو ته مان برتن ڌوئي سگهان ٿو. مان گهر جي صفائي به ڪندس پر ماني تون پچاءِ. وقت گذرڻ سان گڏ اسان هڪ ٻئي کي سمجهندا آياسين ۽ اسان جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي وئي جيڪا اڄ به مضبوط آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔