راولپنڊي ٽيسٽ: بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 565 رنسون ٺاهي آئوٽ

راولپنڊي: راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي 448 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 565 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

راولپنڊي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن بنگلاديش پنهنجي اڻ مڪمل اننگز جي شروعات 316 رنسون 5 رانديگرن جي آئوٽ کان ڪيو ته مشفق الرحيم 55 ۽ لٽن داس 52 رنسن وڪيٽ تي هئا، پر لٽن داس پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف 4 رنسن جي اضافي کان پوءِ نسيم شاهه کي وڪيٽ ڏئي ويٺو.

ٻئي طرف مشفيق الرحيم ذميوارانه بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي 11هين سينچري مڪمل ڪئي. مشفيق الرحيم 191 رنسن جي شاندارا ننگز کيڏڻ کان پوءِ محمد علي جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو.

مشفيق الرحيم کان پوءِ مهمان ٽيم جا ٻيا رانديگر به جلد ئي پويلين موٽي ويا ۽ سموري ٽيم 565 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش جي ٻين رانديگرن ۾ شادمان اسلام 93، مهدي حسين ميراز، 77 ۽ مومن الحق 50 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

پاڪستان طرفان نسيم شاهه 3، شاهين آفريدي 2، محمد علي 2 ۽ خرم شهزاد 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته صائم ايوب به هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ محمد رضوان جي 171 ۽ سعود شڪيل جي 141ر نسن جي بدولت 448 رنسون ٺاهيون هيون ۽  پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 6 رانديگرن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔