صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪري ورتا، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ايندڙ هفتي دوران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ قومي اسيمبلي جو اجلاس 26 آگسٽ تي طلب ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر آصف علي زرداري اجلاس 26 آگسٽ سومر شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي جو موجوده اجلاس 16هين قومي اسيمبلي جو نائون اجلاس ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کان علاوه صدر آصف علي زرداري سينيٽ جو اجلاس 27 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جو اجلاس 27 آگسٽ اڱاري جي شام 5 وڳي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔