معصوم ٻارن تي حملو ڪندڙ انسان چورائڻ جي لائق نه آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظ شهباز شريف پشين ڌماڪي تي چيو آهي ته معصوم ٻارن تي حملو ڪندڙ بزدل دهشتگرد انسان چورائڻ جي لائق نه آهن، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين.

وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف بلوچستان جي شهر پشين ۾ پوليس لائنز ڀرسان ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي ۾ معصوم ٻارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو مظاهرو ڪيو آهي

وزيراعظم چيو ته زخمي ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون ڏنيون وڃن. واقعي جي ذميوار ماڻهن جي نشاندهي ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، معصوم ٻارن تي حملو ڪندڙ بزدل دهشتگرد انسان چورائڻ جي لائق نه آهن. ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔