اليڪشن ڪميشن رجسٽرڊ سياسي پارٽين ۽ سربراهن جي نئين فهرست جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي فهرست اپ ڊيٽ ڪري جاري ڪري ڇڏي آهي، ٻين پارٽين ۾ تبديليون اپ ڊيٽ ڪيون ويون آهن پر پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو اپ ڊيٽ نه ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن نئين سياسي پارٽين جي نئين فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب اليڪشن ڪميشن ۾ 166 سياسي پارٽيون رجسٽرڊ آهن

مسلم ليگ(ن) جون انٽرا پارٽي چونڊون مڃيون ويون، ميان نوازشريف مسلم ليگ(ن) جو صدر آهي، اهڙي طرح اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي جي انٽرا پارٽي چونڊن کي به مڃي ورتو آهي

اليڪشن ڪميشن ڪيترين ئي سياسي پارٽين جي نئين پارٽي صدر يا چيئرمين جا نالا به اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيا آهن پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي چيئرمين جو نالو اڃان تائين اپ ڊيٽ نه ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن ميان نوازشريف جو نالو بطور صدر مسلم ليگ(ن)، جماعت اسلامي جي امير نعيم الرحمان جو نالو بطور پارٽي سربراهه، محمود خان جو نالو بطور چيئرمين، پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو.

صدر آصف علي زرداري جو نالو بطور صدر پاڪستان پيپلز پارليامينٽرين موجود آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو نالو بطور چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي شامل آهي. اسفنديار ولي خان جو نالو اڃان تائين بطور صدر عوامي نيشنل پارٽي موجود آهي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي به رجسٽرڊ پارٽين جي فهرست ۾ شامل آهي.

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي  صرف سياسي پارٽي طور مڃيو آهي، تحريڪ انصاف اڃان تائين رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي فهرست ۾ موجود آهي، تحريڪ انصاف بنا صدارت جي سياسي پارٽين جي فهرست ۾ شامل آهي، تحريڪ انصاف جون انٽرا پارٽي چونڊون اڃان تائين اليڪشن ڪميشن منظور نه ڪيون آهن.

تحريڪ انصاف جو انٽرا پارٽي چونڊن جو ڪيس اڃان تائين ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ انٽرا پارٽي چونڊون نه ٿيڻ سبب بيٽ جي چونڊ نشان کان محروم آهي.

نئين فهرست ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي چيئرمين جو نالو اڃان تائين اپ ڊيٽ نه ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن ميان نوازشريف جو نالو بطور صدر مسلم ليگ(ن) اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير نعيم الرحمان خان جو نالو بطور پارٽي سربراهه اپ ڊيٽ ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔